مانجهند: مختلف ٽائونز ۽ يوسيز کي ھارڊ ايريا ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو

مانجهند ۾ تعلقي جي مختلف ٽائونز ۽ يوسيز کي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي  ٽيسٽ لاءِ ھارڊ ايريا ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف ٽيسٽ پاس اميدوارن شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي اميدوارن  سيد شاهنواز شاه،  اياز علي ملاح ، وقار احمد سومرو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مانجهند ۽  سن ٽائونز ،  انڙپور، منظورآباد ۽ خاڻوٺ يوسين  کي هارڊ ايريا ۾ شامل نه ڪرڻ سبب ڪيترائي نوجوان وڌيڪ مارڪون  کڻڻ باوجود پاس نه ڪيا ويا آھن،  هنن وڌيڪ چيو ته مانجهند تعلقي ۾ تعليم جون سهولتون تمام گهٽ آھن ،هنن چيو ته مانجهند تعلقي کي مڪمل طور تي هارڊ ايريا ڄاڻائي  33 سيڪڙو مارڪن تي پاس ڪيو وڃي  جنهن سان  مانجهند تعلقي مان استادن جي کوٽ به ختم ٿيندي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.