قاضي احمد: ڳوٺ لال بخش کوسو بنيادي سهولتن کان محروم هئڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران مظاهرو

قاضي احمدتعلقي جي يوسي ڏيڙان جي وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ لال بخش کوسو بنيادي سهولتن کان محروم هئڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران پريس ڪلب قاضي احمد جي ٽيم آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن غلام شبير کوسو علي خان کوسو محمد رمضان کوسو سائين بخش کوسو قادر بخش کوسو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته يوسي ڏيڙان جو قديمي وڏي ۾ وڏو ڳوٺ لال بخش کوسو جديد دور ۾ به بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهي، ڳوٺ لال بخش کوسو 150گهرن تي مشتمل آهي، ڳوٺ جي آبادي تقريبن هزار جي لڳ ڀڳ آھي. پر هتي اسڪول ، روڊ رستن ، اسپتال سميت ڪابه بنيادي سهولت نه آهي،  هنن چيو ته پيپلز پارٽي جي تيرهن سالا دور حڪومت ۾ ٽي دفعا چونڊيل ايم اين اي مير غلام مصطفي شاھ ۽ مختلف اليڪشنز ۾ چونڊيل ايم پي پيز ووٽ وٺڻ کان پوء ڪڏهن لڙي ناهي ڏٺو،  هنن  مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ مڪمل ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.