اوٻاوڙو: اسپيشل برانچ جو اهلڪار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل،وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

اوٻاوڙو جي شهر ريتي روڊ تي سونڻ شاخ وٽ امام بارگاهه جي رهواسي اسپيشل برانچ جي پوليس اھلڪار سلطان رند کي صبح جو واڪ ڪندي  ٻن موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن فائرنگ ڪري شھيد ڪري ڇڏيو ۽ ھڪ شھري بھرام عرف پپو شيخ سخت زخمي ٿي پيو، اھڙو اطلاع اوٻاوڙو پوليس کي ملڻ تي اوٻاوڙو پوليس ايس ايڇ او سيد قلب عباس شاھ پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري ھنڌ پھتا فوتي ۽ زخمي کي فوري طور تي کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو آندو ويو جتي زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽اوٻاوڙو پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇڏي، ھوڏانھن شھيد ٿيل پوليس اھلڪار جي وارثن  اسپتال مان لاش کڻائي نيشنل ھاء وي تي لاش رکي ٻئي پاسا بلاڪ ڪري ڇڏيا ۽ گاڏين جون ٻنهي پاسن کان ڊگھيون قطارون لڳي ويون جنهن سنڌ پنجاب ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ، ايس ايڇ او قلب عباس شاه پھچي وارثن کي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرائي ڇڏيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.