پ پ اين اي 133 ۾ ضمني چونڊ لاءِ پنهنجو اميدوار ميدان ۾ لاهي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي ٻئي وڏي شهر لاهور جي قومي اسيمبلي تڪ اين اي 133 ۾ ضمني چونڊ لاءِ پ پ به پنهنجي اميدوار جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پ پ طرفان ان تڪ ۾ اسلم گِل کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي، جنهن جو اعلان پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو ويو.

راجا پرويز اشرف چيو ته پ پ اسلم گل کي اين اي 133 جي ضمني چونڊ لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي.

واضح رهي ته ن ليگ ايم اين اي پرويز ملڪ جي لاڏاڻي کانپوءِ خالي ٿيندڙ سيٽ تي ضمني چونڊ لاءِ سياسي جماعتن سندرا ٻڌا آهن.

گذريل ڏينهن وزيراعظم جي خاص مددگار جمشيد اقبال چيما استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي، ڇو ته تحريڪ انصاف طرفان اين اي 133 لاهور جي ضمني چونڊ لاءِ جمشيد اقبال چيما کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.