شگر ۽ ڇاتي جي ڪينسر سميت سوين مسئلن جو ننڍڙو حل

منڱن جي دال جو پاڻي ڪهڙي به صورت ۾ نه هاريو، جيڪڏهن توهان کي ان پاڻي جا فائدا خبر هجي ته توهان انکي زندگي ڀر زيان نه ڪيو.

مڱن جي دال جي پاڻي جا فائدا ڄاڻن کانپوءِ توهان به ان جي استعمال تي مجبور ٿي ويندا.

مڱن جي دال پروٽين جو بهترين ذريعو آهي، ان ۾ امينو ايسڊ جو ڀرپور مقدار موجود هوندو آهي، اها طاقتور فري ريڊيڪل فائٽنگ اينٽي آڪسيڊنٽس سان مالامال هوندي آهي.

انکانسواءِ مڱن جي دال ڪاربوهائڊريٽ جو به هڪ بهترين ذريعو آهي ۽ پوٽاشيم، ميگنيشيم، فوليٽ، زنڪ، آئرن، وٽامنز ۽ فائبر فراهم ڪندي آهي.

هاڻي اچون ٿا مڱن جي دال جي پاڻي جي فائدن ڏانهن.

مڱن جي دال جو پاڻي آڪسيڊيٽيو دٻاءَ کي ختم ڪندو آهي ۽ انجي نتيجي ۾ صحت ۽ نوجواني برقرار رهندي آهي.

ان سان گڏ جيئن ته چئي چڪا آهيون ته مڱن جي دال پروٽين جو هڪ شاندار ذريعو آهي، 1 ڪوپ اٻاريل مڱ 14.2 گرام پروٽين فراهم ڪندا آهن.

تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته مڱن جي دال جو پاڻي بلڊ پريشر کي سُٺي طريقي سان گهٽائڻ ۽ برقرار رکڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

مڱن جي دال جو پاڻي دل جي صحت جو خيال ڪرڻ سان گڏ ڪوليسٽرول کي به گهٽائيندو آهي.

ان پاڻي ۾ فائبر جو وڏو مقدار موجود هوندو آهي ۽ اهو بلڊ شگر جي سطح وڌڻ کي روڪيندو آهي جنهن جي ڪري اهو ذيابطيس جي مريضن لاءِ وڏو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

ان سان گڏ مڱن جي دال جو پاڻي ڪينسر خلاف حفاظت قدم کڻندو آهي، هفتي ۾ ٽي ڀيرا مڱن جي دال جو پاڻي استعمال ڪرڻ سان ڇاتي جي ڪينسر جي خطرن کي گهٽائي سگهجي ٿو.

نه رڳو ايترو پر مڱن جي دال جو پاڻي استعمال ڪرڻ سان وزن به گهٽبو آهي ۽ جسم جي واڌو چرٻي ڳري ختم ٿي ويندي آهي.

پاڻي کي استعمال ڪرڻ جو طريقو

مڱن جي دال کي ڌوئي صاف ڪري چئن ڪلاڪن تائين پسائي رکو هاڻي انکي ٿوري باهه تي ايترو اٻاريو ته جيئن دال نرم ٿي وڃي.

هاڻي ان پاڻي کي ڇاڻي الڳ ڪيو ۽ ٿڌو ٿيڻ کانپوءِ پي ڇڏيو، انکي فرج ۾ رکي ٿڌو ڪري به استعمال ڪري سگهجي ٿو.

هاڻي اٻريل دال کي فرائي پان يا ڪنهن ديڳچي ۾ وجهي ان ۾ گيهه، زيرو، لوڻ، ڳاڙها ۽ ڪارا مرچ، ساوا ڌاڻا وجهي پچايو ۽ آخر ۾ ان دال کي ماني سان کائي ڇڏيو، مڱن جي دال ۽ انجي پاڻي جا ايترا فائدا آهن جو ڪير اندازو به نٿو لڳائي سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.