آءِ ايم ايف پاڪستان جو پلان رد ڪندي ڪيترائي شرط مڃائي ورتا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آءِ ايم ايف جا ڪيترائي شرط مڃي ورتا.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب قرض پروگرام بحالي لاءِ پاڪستان کي نون شرطن تي عمل ڪرڻ پوندو ۽ قرض پروگرام جي بحالي جو حتمي اعلان آءِ ايم ايف بورڊ ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ٽيڪس وصوليون وڌائڻ جا قدم کڻي ۽ نجڪاري پروگرام تي عمل يقيني بڻائڻو پوندو، جڏهن ته پاور سيڪٽر سڌارن بابت شرطن تي عمل به يقيني بڻائڻو هوندو.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف ناڻي واري وزارت جي پلان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وزارت کي معاشي هدفن تي نظرثاني جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته وياج جي شرح وڌائڻ ۽ ڊالر جو مارڪيٽ ريٽ مقرر ڪرڻ جو به شرط لاڳو ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن ناڻي واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون جاري آهن ۽ جيئن ئي ڳالهيون مڪمل ٿيون، پڌرائي جاري ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.