ورلڊ ڪپ سپر 12 مرحلي جي پهرين ميچ ۾ ڪينگروز هٿان پروٽيز کي شڪست

 

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي جي پهرين ميچ ۾ آسٽريلوي ٽيم دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڏکڻ آفريقا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ابوظهبي ۾ کيڏيل ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي ڏکڻ آفريقي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 118 رنسون ٺاهي سگهي.

پروٽيز طرفان ايڊن مارڪرم 40 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته ربادا 19، ڊيوڊ ملر 16، ڪلاسين 13، ڪپتان باووما 12 ۽ ڊي ڪوڪ 7 رنسون ٺاهيون.

آسٽريليا جي مچل مارش، جوش هيزل ووڊ ۽ ايڊم زمپا 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته گلين ميڪسويل ۽ پيٽ ڪمنز هڪ – هڪ شڪار ڪيو.

جواب ۾ آسٽريلوي ٽيم به ڏکيائين جو شڪار رهي، ڪپتان ايرون فنچ کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو، جڏهن ته ڊيوڊ وارنر 14 ۽ مچل مارش 11 رنسون ٺاهيون.

ان موقعي تي اسٽيون سمٿ ۽ ميڪسويل ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو، سمٿ 35 ۽ ميڪسويل 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.

مارڪس اسٽوئنس 24 ۽ ميٿيو ويڊ 15 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري.

آسٽريلوي ٽيم گهربل هدف 5 وڪيٽن جي نقصان ٻه بال اڳ ۾ حاصل ڪري ميگا ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.