سنڌ پوليس ۾ 8 هزار افغانين کي ڀرتي ڪيو ويو: اڳوڻي ايس ايس پي نثار چنا جو انڪشاف

 

اڏيرو لال (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس جي اڳوڻي ايس ايس پي نثار احمد چنا انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌ پوليس ۾ 8 هزار افغانين کي سپاهي طور ڀرتي ڪيو ويو آهي.

اوڏيري لال اسٽيشن ۾ چنا برادري سان تعزيت جي موقعي تي ڳالهائيندي نثار احمد چنا چيو ته مون وٽ هڪ ميسيج آيو ته سنڌ پوليس ۾ افغانين کي سپاهي طور ڀرتي ڪيو ويو آهي، جنهن تي مون چيو ته بلڪل سنڌ پوليس ۾ اٺ هزار افغانين کي سپاهي طور ڀرتي ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته مون ان وقت جي ريڪروٽمينٽ ڪميٽي جي اڳواڻ آفتاب پٺاڻ کي سنڌ پوليس ۾ ان وقت جي ٿيل ڀرتين ۾ بي ضابطگين جي حوالي سان پڻ خط لکيو هو پر ڪو کڙتيل نه نڪتو.

سندس چوڻ هو ته اٺ هزار افغاني پٺاڻن کانسواءِ ٻين صوبن جي سوين اڻ پڙهيل ماڻهن کي به سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ڪيو ويو، سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل افغاني پٺاڻ ۽ ٻيا غير سنڌي هن وقت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڊيوٽيون پيا ڪن.

اڳوڻي ايس ايس پي موجب هڪ پوليس اهلڪار ته اهڙو هو، جنهن کي پنهنجو نالو جاويد به لکڻ نه آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.