پاڪ – ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ دبئي ويل شيخ رشيد کي وزيراعظم واپس گهرائي ورتو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ – ڀارت ميچ ڏسڻ لاءِ دبئي ويل وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کي وزيراعظم عمران خان واپس گهرائي ورتو.

شيخ رشيد ٻن ڏينهن لاءِ دبئي روانو ٿيو هو ۽ سندس چوڻ هو ته وزيراعظم کان موڪل ورتي آهي، پاڪ – ڀارت ميچ ڏسڻ وڃي رهيو آهيان.

وفاقي گهرو وزير گڏيل عرب امارتن ۾ پهتو هو، جتان هنگامي طور ڏيهه موٽي آيو آهي.

ذريعن موجب وزيراعظم موجوده صورتحال کي ڏسندي شيخ رشيد کي واپس گهرايو آهي.

شيخ رشيد ايئر بليو جي اڏام پي اي 213 تي شارجا کان اسلام آباد پهتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم مهانگائي خلاف اپوزيشن جي احتجاج ۽ ڪالعدم جماعت جي احتجاج سبب شيخ رشيد کي واپس گهرايو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.