خورشيد شاهه سينٽرل جيل مان آزاد ٿي ويو

 

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي سينٽرل جيل مان آزاد ڪيو ويو.

پ پ ڪارڪنن سکر ۾ جيل ٻاهران خورشيد شاهه جي آجيان ڪئي ۽ هو ڪارڪنن جي قافلي سان گڏ رهائشگاهه روانو ٿي ويو.

واضح رهي ته خورشيد شاهه آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ريفرنس ۾ 25 مهينن کان قيد ۾ هو، کيس نيب 2019 ۾ اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو.

ٻه ڏينهن اڳ سپريم ڪورٽ خورشيد شاهه جي ضمانت تي آزادي جا حڪم جاري ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ پ پ اڳواڻ جي پٽ عدالتي حڪم تي هڪ ڪروڙ رپين جا ضمانتي مچلڪا احتساب عدالت ۾ جمع ڪرايا.

خورشيد شاهه کي سينٽرل جيل مان ضمانت جي ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت پهچايو ويو، جتي عدالت سپريم ڪورٽ جي آرڊر جي تصديق کانپوءِ خورشيد شاهه جي آزادي جا حڪم جاري ڪيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.