ڀارت سان مقابلي لاءِ قومي ٽيم جو اعلان

آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪ ڀارت مقابلي جي لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل (آءِ سي سي) مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان ڀارت خلاف ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.

12 رڪني ٽيم جو اعلان بابراعظم طرفان ڪيو ويو آهي جن مان ميچ کان اڳ 11 رانديگر چونڊيا ويندا.

قومي ٽيم ڀارت خلاف جن رانديگرن کي شامل ڪيو آهي انهن ۾ محمد رضوان، فخر زمان، بابر اعظم، محمد حفيظ، حيدر علي، شعيب ملڪ، آصف علي، شاداب خان، عماد وسيم، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي، حارث رئوف شامل آهن.

پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو 24 آڪٽوبر آچر جي شام پاڪستاني وقت موجب 7 وڳي کيڏيو ويندو.

واضح رهي ته آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2021 جو سپر 12 مرحلو اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ اڄ 2 ميچون کيڏيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.