لاڙڪاڻي ۾ نيشنل جرنلسٽس فائونڊيشن وفد پريس ڪلب پهتو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) نيشنل جرنلسٽس فائونڊيشن جي وفد چيئرمين محمد علي جي اڳواڻيءَ ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب پهتو. اڳواڻن لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي صدر ظفر ابڙو، نائب صدر سيد جاويد شاهه، جنرل سيڪريٽري مرتضيٰ ڪلهوڙو، سينيئر صحافي محمد حنيف سهاڳ ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نيشنل فائونڊيشن جي اڳواڻن چيو ته صحافين جون معاشي حالت انتهائي خراب ٿينديون پيون وڃن ۽ ادارا به صحافين جي مالڪي ڪو نه ٿا ڪن جنهن ڪري صحافي هن وقت سخت مالي مسئلن جو شڪار ٿي ويا آهن. هن چيو ته فائونڊيشن طرفان لاڙڪاڻو سميت سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن جا دورا ڪري رهيا آهيون ۽ صحافين جي سهائتا ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن طرفان جامع پاليسي جوڙي پئي وڃي جيئن صحافين کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته فائونڊيشن طرفان صحافين کي 5 لک روپين تائين جا ميڊيڪل ڪارڊ جاري ڪيا ويا جيئن هو پاڻ ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو ماهر ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائي سگهن، فائونڊيشن جا اڳواڻ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري ملڪ جي صحافين جي معاشي توڙي ٻين مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.