جروار لڳ پورهيت بيمار، واهر جي اپيل

جروار ( ن ع آ ) جروار لڳ ڳوٺ ابراهيم لاشاري ۾ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورهيت پيرسن اسحاق لاشاري ٽن سالن کان موذي مرض ۾ ورتل، گهمڻ ڦرڻ کان لاچار ۽ بيوس بڻيل آهي، جڏهن پيرسن اسحاق لاشاري کان مرض بابت پڇا ڪئي ته هن جي ڀاءُ عباس لاشاري ٻڌايو آهي ته گذريل ٽن سالن کان ڀاءُ ڳالھائي به نٿو سگھي  ۽ نه ئي گھمي ڦري سگھي ٿو، ھن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽي سال اڳ پھرين ڀاءَ  جي ڄنگهھ مان ساھ ختم ٿي ويو آهي ۽ ھاڻي ھٿ به ڪم ڇڏي ويا آھن، جنھن سبب گھمڻ ڦرڻ کان صفا قاصر بڻجي ويو آھي ۽ مسلسل ٽن سالن کان بيماري سبب کٽ تي پيل آھي، ھن چونڊيل نمائندن ، ڊپٽي ڪمشنر گھوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڀاءُ جو علاج ڪرائي بيچيني ختم ڪئي و ڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.