نوشهرو فيروز اسپتال ۾ عدالتي حڪم بعد ڊاڪٽر مقرر نه ٿيا، احتجاج

نوشھرو فيروز ( ڊ ر ) سنڌ هاءِ  ڪورٽ جي حڪم باوجود سول اسپتال  ۾ مقرر ڪيل اسپيشل ڪيڊر جا 7 ڊاڪٽر ۽ ڊٽيل مينٽ تي موڪليل 20 کان وڌيڪ ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو نه پهتو سول اسپتال نوشهرو فيروز کي ضلعي درجو ۽ مريض کي سهولتن نه ملي سگهيون، ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او آفيس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان. سول اسپتال بچايو ايڪشن ڪاميٽي پاران سول اسپتال جي مين گيٽ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن  يونس راڄپر، يوسف منگي، خادم سيال، مھر وسطڙو، ڪريم سهتو، شاھد خانزادہ، ساجد تڳر فدا حسين مري۽ ٻين چيو ته اسپيشل ڪيڊر جا ڊاڪٽر ۽ عملو اسپتال ۾ نه پهچي سگهيو آھي ۽ نه ئي وري وينٽيليٽر مشينون انسٽال ٿي سگهيون، جڏهن ته مريض دوائن سميت الٽراسائونڊ، اِي سي جي، ايڪسري، ليبارٽري ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهن. هنن چيو ته هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن جج جي عدالت پاران حڪم باوجود وينٽيليٽر انسٽال نه پيا ڪيا وڃن نه ئي مخلتلف شعبن جا اسپيشل ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن ٿا ،جڏهن ته صحت کاتي پاران ڊاڪٽرن جي مقرري جو ليٽر پڻ جاري ڪيو ويو آھي پر اهي مقرر ٿيل نوشھرو فيروز اسپتال ۾ جوائن ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن ۽ علاج جون بنيادي سهولتون نه هجڻ ڪري روزانو ايندڙ مريض سخت پريشان ٿي رهيا آهن، سموريون طبي سهولتون فراهم ڪري ڊاڪٽرن جي کوٽ پوري ڪئي وئي ته ٻئي  صورت ۾ 7 ڏينهن کان پوءِ  ڊي سي ۽ ڊي ايڇ آفيس آڏو ڌرڻا هنيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.