ٺري ميرواهه ۾صحافي جي پٽ تي منشيات جو ڪيس داخل، احتجاج

ٺري ميرواه ( ن ع آ) ٺري ميرواه پوليس پاران  صحافي ۽ هاڪر جي پٽ تي منشيات جو  مبيناڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف صحافين بشير احمد شر، ايم صالح شر، ممتاز علي شر، اصغر دستي،اقبال سومرو، سليمان سنڌي ، عابد شر ،عبدالحفيظ شر جي اڳواڻي ۾  احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي صحافين جو چوڻ هو ته  ايس ايڇ او ٺري ميرواه صحافي جي پٽ تي بي گناهه ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي ، هنن گهر ڪئي ته ايس ايڇ او  خلاف  ڪارروائي ڪري داخل ڪوڙو ڪيس واپس ورتو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.