راڻيپور ۾بجلي جي تار ڪري پئي، ڪرنٽ لڳڻ سبب ڳوٺاڻو زخمي، ڌرڻو

راڻيپور/ڪنب(نمائندا) راڻيپور جي ڳوٺ ڌڻي بخش بروھي ۾ موڙ وٽ اچانڪ بجلي جي مک يارنهن ھزار وولٽيج جي تار ڪري پئي ڪرنٽ لڳڻ پوڻ سبب اسڪولي ٻار کڻي ويندڙ رياض علي راڄپر سخت زخمي ٿي پيو. زخمي کي اتي موجود ۽ راھ ويندڙ ماڻهن راڻيپور رورل ھيلٿ سينٽر پهچايو. جڏھن ته اسڪولي ٻار معجزاڻي طور پڻ محفوظ رھيا. ان موقعي تي ڳوٺاڻن خدا بخش بروھي، لياقت بروھي، سمن بروھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاج ڪري روڊ بند ڪيو ويو ان موقعي تي مظاھرين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته بجلي جون تارون گهڻي وقت کان ڪمزور ھئڻ سان گڏوگڏ لٽڪيل پڻ آھن. اسان ڪيترائي ڀيرا سيپڪو انتظاميه کي دانهون ڏنيون آھن ۽ آفيسن ۾ به ھلي ويا آھيون پر ڌيان ڏيڻ لاء ڪير به سنجيدہ ئي ناھي. ھنن وڌيڪ چيو ته ھيءُ روز جو معمول بڻجي چڪو آھي پر ڪير به ٻڌڻ لاء تيار ئي ناھي، جڏھن ته مک تار ڪري پئي جنهن کي ٽي ڪلاڪ گذري چڪا آھن پر اڃان تائين سيپڪو انتظاميه جو ڪوبه ماڻهو ناھي آيو جڏھن ته انهن کي ڪافي ڀيرا اطلاع پڻ ڏنو ويو آھي. اسانجي اعليٰ اختيارين کي اپيل آھي ته واقعي جو نوٽيس وٺي موجود سيپڪو انتظاميه جي عملدارن جي ڪيل ڪن لاٽار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ڪمزرو ۽ لٽڪيل تارن کي تبديل ڪري مٿي ڪرائي ڏنيون وڃن ته جيئن آئيندہ ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.