پٽ جا قاتل گرفتار ڪريو، لاڙڪاڻي ۾عورت جو احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي شهر جي مراد واهڻ پاڙي ۾ 2 مهينا اڳ قتل ٿي ويل نوجوان سمير بروهي جي وارثن طرفان مقتول نوجوان جي تصوير کڻي سندس قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي امڙ شبانه خاتون بروهي پنهنجي پيرسن امڙ زرينه خاتون، ڀينرن آسيه، گل خاتون ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته گهٽي ۾ گهر اڳيان ويهڻ کان منع ڪرڻ جي ڳالھه تان گذريل 13 آگسٽ تي ليڊي پوليس اهلڪار ارجمه شاهين جسڪاڻي پنهنجي ڀائرن توڙي مائٽن عمران، علي محمد، مشتاق، نظير، عدالت جسڪاڻي سان گڏجي اسان جي گهر تي حملو ڪري منهنجي نوجوان پٽ سمير بروهي کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جنهن واقعي جو ڪيس حد جي دڙي ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدارن خلاف داخل ڪرايو، جنهن ۾ پوليس صرف ٻن جوابدارن عدالت ۽ نظير جسڪاڻي کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو آهي، آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.