جيل مان ڀاءُ کي آزاد ڪريو، لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو واسي جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو ويجهو ڳوٺ علي بخش ڪوڏراڻي جي رهواسي پورهيت نوجوان قتل ڪيس ۾ جيل ڀوڳيندڙ ڀاءُ جي آزاديءَ لاءِ پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پورهيت حاڪم علي ابڙو صحافين آڏو دانهيو ته سال 2019ع دوران رمضان شريف مهيني ۾ اسان جي ذات جي همراهه امداد ابڙو کي دوست محمد پنهور، ياسين پنهور، ڪانڊيرو پنهور ۽ ٻين قتل ڪري ڇڏيو هو جنهن جي وارثن طرفان رتوديرو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو جنهن ۾ هنن ٻين جوابدارن سميت منهنجي ڀاءُ انور ابڙو جو نالو شامل ڪيو ان ڪيس جي آڙ ۾ پوليس ڀاءُ انور ابڙو کي گرفتار ڪري جيل اماڻي ڇڏيو جيڪو لاڙڪاڻو سينٽرل ۾ قيد ڪاٽي رهيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته مقتول انور ابڙو جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائي ڀاءُ کي آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

گهوٽڪي پوليس ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪري ورتي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڀرسان گدا اسٽاپ ويجهو جو رهواسي علي گل گهوٽوميڊيا  آفيس پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته هڪ رات اڳ ۾ هن کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي وئي هئي ۽ اهڙو اطلاع گيمڙو پوليس کي ڪيو ويو هو جنهن پوليس هن جي گاڏي هٿ ڪري ورتي آهي، پر جوابدار گرفتار نه پيا ٿين، هن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو آهي ته هن جي ڦر ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن،مونکي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.