ٺارو شاهه ۾ بيواهه جو ايس ايڇ او خلاف احتجاج

ٺاروشاھ  ( ن ع آ ) ٺاروشاهه جي رهواسڻ بيواه تنوير بانو اڄڻ جنهن قران پاڪ مٿي تي رکئي ايس ايڇ او ٺاروشاهه آشرف ميمڻ جي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو جتي عورت ايس ايڇ او کي پٽون پاراتا ڏيندي چيو ته خدا ايس ايڇ او اشرف ميمڻ  کي غرق ڪري سندس ٻچا به ائين جيل وڃن جيئن منهنجن ٻچي کي جيل موڪليو آھي، هن چيو ته هڪ پٿاريدار  حاجي رسول بخش اڄڻ جنهن جي چرچ تي منهنجي پٽ جي مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي آھي اسان سان پهريان به ايس ايڇ او ظلم ڪري چڪوآھي، هن چيو ته اسان سان ايتري ناانصافي ڇو اسان کي ڇو انصاف ملي هن چيو ته ايس ايڇ او جنهن شھر ۽ آس پاس ۾ منشيات جا اڏا کولرائي ڇڏيا آھن شھر ۾ سرعام ڏوهه ٿي رهيا آھن ۽ ڏوهاري آزاد گهمي رهيا آھن،  جڏهن ته ٿاڻو پڻ ڏوهارين لاءِ جنت گهر بڻيل آھي، هن چيو ته ايس ايڇ او جيڪو ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ اسان جي ٻچن جو دشمن بڻيل آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.