سرويچ سجاولي سنڌ جو مزاحمتي ڪردار هو: ساگر يوسف منگي

نوشهرو فيروز ( ڊر ) سنڌ جي مزاحمتي شاعر سرويچ سجاولي جي ورسي جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهرو فيروز پاران پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي شاخ جي سيڪريٽري ساگر يوسف منگي چيو ته سرويچ سجاولي سنڌ جو اهو مزاحمتي ڪردار هو جنهن ظلم ۽ ڏاڍ خلاف جدوجهد لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي، مزاحمت ۽ عملي جدوجهد جي ڪري جيل به ڪاٽيا. ناز سولنگي چيو ته سرويچ شعور جي علامت هو جنهن جي شاعري اتساهه جو سبب آھي، ان موقعي تي امجد ميمڻ، خادم حسين مري، يونس راڄپر، مشتاق مري، مهر وسطڙو، محمد حسنين ۽ ٻين چيو ته سرويچ سجاولي غريب پورهيتن جي جدوجهد جي علامت هيو ۽ سندس ڪيل قلمي پورهيي کي سنڌ ياد ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.