ڪنڌڪوٽ ۾صحافي شاهد سومرو جي 19 هين ورسي، ڀيٽا پيش

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ : ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ جي بھادر۽بي باڪ شھيدصحافي شاھدسومرو جي19ورسي ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب۾ انتھائي عقيدت سان ملھائي وئي جنھن۾وڏي تعداد۾صحافين۽مختلف ڪتبه فڪر جي ماڻھن اڳواڻن ڀرپورشرڪت ڪئي  اڳواڻن آل پاڪستان سومره ايسوسئيشن جي مرڪزي اڳواڻ محبوب علي سومرو چيوته شھيدصحافي ھميشه حق سچ جي واٽ تي ھلندي مظلومن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پھچايوھن چيوته قبيلائي ريتن رسمن۽فرسوده نظام خلاف اخبارن۾ لکي جاگيرداري سسٽم کي لوڏيوآھي ھن چيوته ميڊيا جي مظبوط آواز سبب معاشري۾ تبديلي اچي رھي آھي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ضلعي صدر محمدحنيف ڊومڪي چيوته ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ھميشه مسڪينن سان نڀايوآھي۽شھيد شاھدسومرو بغير ڪنھن فرق جي عوام جي  آواز کي اقتداري ڌرين تائين پھچايوجڏھن ته شھيد شاھد جي ڏنل قرباني ڪڏھن به رائيگان نه ويندي.محمدرمضان سومرو چيوته اسان لاء شھيد صحافي قرباني فخر جو باعث آھي ھن چيوته شھيدشاھد سلڇڻو۽ملنسار انسان ھو۽سندس ڪردار تاريخ۾ امرآھي. ان موقعي تي سرڪش سڌايو، لياقت علي کوسو علي حسن ملڪ.بقامحمد بنگوار.عباس باجڪاڻي پڻ خطاب ڪيو.ھوڏانھن ورسي تقريب کان پوء شھيد شاھدسومرو جي قبرتي گل نڇاور ڪري قل خواني ڪري درجات جي بلندي لاء دعا گھري وئي،۽لنگرتقسيم ڪيوويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.