موري ۾ عوامي آواز جي رپورٽر سان ڀاڄائي جي لاڏاڻي تعزيت

مورو  ( ت ر ) موري جي سينيئر صحافي روزانا عوامي آواز جي رپورٽر  شاھنواز ڀٽي سان نول محلا ۾ فوت ٿيل ڀاڄائي جي ٽيجهي ۾ چونڊيل ايم پي اي عارف مصطفيٰ جتوئي، سرفراز ميمڻ،علي رضا خاصخيلي،اشرف لغاري،گل ڏاھري،رضا سھتو،ايم ظفر تڳر،وحيد مستوئي،جاني مورائي،دستگير ماڇي،ھاشم نول،آغا حسن ڪلھوڙو، اصحاب چانڊيو، عابد ابڙو، پرويز سنڌي،غلام مصطفيٰ ڀٽي،جنيد راجپوت، قيوم ميمڻ،منصور جتوئي، عاقب سيال،منصور جويو،اسلم ڪورنيچو،ياسين سومرو،صمد ڀٽي،علي گل چانڊيو،ابراھيم کوکر،امجد ڏيپر،جاني سولنگي،شھزاد کوکر،مير عمار ديشي،غلام شبير کوکر،۽ ٻين دعا گھري ڏک ونڊيو،جڏھن ته آيل مھمانن کي پڻ نگر ڪرايو.

ڀيڻ جو قاتل مڙس گرفتار ڪريو، لاڙڪاڻي ۾ واپاري جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي علي آباد واسي گاڏين جي واپاري سيد ضمير شاهه چار سال اڳ منهنجي ڀيڻ رشيده خاتون کي سندس مڙس عباس شاهه ۽ ٻين سان گڏجي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو واقعي بعد مون مُک جوابدار عباس شاهه کي بقاپور پوليس هٿان گرفتار ڪرائي ۽ عاقل ٿاڻي تي ڀيڻ جو قتل ڪيس داخل ڪرايو پر سيال ڀائرن مداخلت ڪري عباس شاهه کي ٿاڻي تان آزاد ڪرائي ڇڏيو. ماڊل ڪورٽ مُک جوابدار عباس شاهه کي ڦاهي ۽ ڪيس ۾ نامزد چئن جوابدارن کي عمرقيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي پر مُک جوابدار عباس شاهه روپوش ٿي فريد آباد جي پراڻي بنگلي ۾ لڪيو ويٺو آهي جنهن کي سيال ڀائرن جي پٺڀرائي حاصل آهي مُک جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ مون ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ سان گڏ سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريو پر چار سال گذرڻ جي باوجود پوليس کيس گرفتار نه ڪري سگهي جنهن 14 آڪٽوبر منجهند ڌاري سيال ڀائرن جي هٿياربندن سان گڏجي منهنجي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪئي پر معجزاڻي طور منهنجا گهير ڀاتي محفوظ رهيا جنهن 16 آڪٽوبر تي گهر تي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ منهنجي ڀاءُ امير شاهه کي ڌڪ لڳا ۽ 20 آڪٽوبر تي موسمياتي کاتي ويجهو ڀاءُ سيد غفور شاهه جي ڪرياني دڪان تي فائرنگ ڪئي.

لاڙڪاڻو زيبسٽ  پاران پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻي کي شيلڊ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) زيبسٽ انٽرميڊيٽ ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب ٿي ڱذري جنهن ۾ ڊائريڪٽر امتحاني بورڊ آغا خان يونيورسٽي ڊاڪٽر شهزاد جيوا ۽ پرنسپال فهيم علي سولنگي طرفان سالياني امتحان ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ عيوض پوري سنڌ جي ٽئين نمبر پراوشينل ليول گروپ وائيز پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻي زينب جاويد ابڙو کي اعزازي شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊائريڪٽر امتحاني بورڊ آغا خان يونيورسٽي ڊاڪٽر شهزاد جيوا چيو ته آغا خان يونيورسٽي امتحاني بورڊ جيڪو ميرٽ جي حوالي سان پوري پاڪستان ۾ هڪ نمايان مقام رکي ٿو. ان بورڊ ۾ زيبسٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. ڪيترن ئي شاگردن 90 سيڪڙو تائين مارڪون کنيون آهن جيڪو پڻ هڪ اعزاز آهي. زيبسٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي پرنسپال فهيم علي سولنگي چيو ته اسان پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيو ته جيئن شاگرد ۽ شاگردياڻين تعليم جي ميدان ۾ وڌيڪ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪن. ۽ پوري دنيا ۾ زيبسٽ جو نالو روشن ڪن.

معذور ڪوٽا تي نوڪري ڏيو، لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ آگاڻي جي رهواسي پرائمري پاس معذور نوجوان معذور ڪوٽا جي نوڪري نه ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي معذور نوجوان سيد رابيل شاهه دانهيو ته آءُ ڄائي ڄم کان معذور آهيان، مون کي 6 ڀائر آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن مزدوري ڪندا آهن پر ان مان به گهر جو خرچ هلائڻ مشڪل ٿي پيو آهي. هن چيو ته مون معذور ڪوٽا جي نوڪري لاءِ ڪيترائي ڀيرا تڪ جي چونڊيل نمائندن، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين کي درخواستون ڏنيون پر اڄ ڏينهن تائين نوڪري نه ملي سگهي تازو مون چانڊڪا اسپتال جي ايم آفيس ۾ معذور ڪوٽا جي ڪوٽا جي نوڪري لاءِ درخواست جمع ڪرائي جن ڊي سي آفيس موڪليو جتان آرڊر ڏيڻ عيوض مون کان ڏيڍ لک روپيه رشوت طلب ڪئي وئي رشوت نه ڏيڻ تي آفيس وارن موٽائي ڇڏيو جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن چيو ته مسلسل نوڪري نه ملڻ جي ڪري آءُ بيروزگاري واري زندگي گذاري رهيو آهيان. هن پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معذور ڪوٽا جي نوڪري ڏئي روزگار فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.