اوٿل ۾ ڪي اليڪٽرڪ لسٻيلا خلاف احتجاج، ڪراچي – ڪوئيٽا روڊ بلاڪ

حب (رپورٽ: يار محمد بروهي) اوٿل جي زميندارن ڪي اليڪٽرڪ لسٻيلا خلاف گرڊ اسٽيشن اوٿل جي سامهون ڪراچي – ڪوئيٽا روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون، زميندارن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ڪي اليڪٽرڪ طرفان دشت آپريشن جي آغاز تي ناجائز طريقي سان زميندارن جا ٽرانسفارمرن کنيا ويا هئا، زميندارن چيو ته جيڪڏهن ظلم ۽ زيادتي بند نه ڪئي وئي ته احتجاج کي وڌيڪ وسيع ڪنداسين، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ايڊيشنل ڪمشنر لسٻيلا  محمد الياس بلوچ، ايس ايڇ او جواد حيدر جون زميندارن سان ڳالهيون هلندڙ هيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.