رتوديرو واسي کي شڪارپور پوليس ڪراچي مان کڻي وئي، احتجاج

رتوديرو ( رپورٽ: طفيل ساريو ) رتيديري شهر جي ڀٽي برادري جي عورتن ۽ مردن پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي محمد شريف، محمد عظيم ، عبدالحڪيم ، صاحبڏنو ڀٽي ۽ حشما خاتون ۽ ريحانه  ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ جاڳڻ ۾ 09 مهينا اڳ  وسيم ڀٽي جو قتل ٿيو هو جنهن جو قتل ڪيس ۾ اسان جي عبدالنبي پٽ شربت ڀٽي جو بي گناهه نالو ڏنو ويو هو ،  هڪ هفتو اڳ شڪارپور پوليس ڪراچي ۾ مزدوري ڪندڙ عبدالنبي ڀٽي کي گرفتار ڪري وئي آهي، اسين ڪيترا ڀيرا وڏيرن ۽ اميرن وٽ پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ لاءِ ويا آهيون، پر فريادي سدورو پٽ سومر واري ڌر ڪٿي به ڳالهيون ڪرڻ لاءِ نه پئي اچي، اسين هنن کي ڪيترا ڀيرا چيو آهي ته ڳالهيون ڪيو اسان مٿان خون ثابت ٿئي ته اسين ٻيڻ تي ڏنڊ ڀريندا سين پر هو بي گناهه اسان جي نوجوان کي ڪراچي مان گرفتار ڪرائي ويا آهن ، هنن ايس ايس پي شڪارپور ۽ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪندي چيو ته صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي جيڪڏهن ان قتل ۾ اسان جو نوجوان ملوث نڪري ته اسين سڀ ٻيڻ تي ڏوهه ڏنڊ ڀرڻ لاءِ تيار آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.