ٺٽي ۾ميونسپل ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي ملازمن کي گذريل 3 مھينن کان پگھارون نه ملڻ توڙي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر نہ ٿيڻ خلاف ملازم سراپا احتجاج بڻجي آفيس جي تالا بند ڪري صفائي وارو عمل معطل ڪري ڇڏيو، شھر گندگي جي ور چڙھيل، پگھارن کان محروم ٿيل ملازمن ميونسپل ڪميٽي آفيس ٺٽو جي تالابندي ڪري آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو پگھارن کان محروم ٿيل ملازم اڳواڻن ستار قريشي، راجو قريشي، سيد جمن شاھ، ممتاز صابرو، فيض محمد ھيلايو، غلام نبي بروھي،  جي اڳواڻي ۾ احتجاج جاري رکيو. ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ ھو تہ گذريل 3 مھينن کان پگھارون نہ ملڻ ڪري سندن ٻچا فاقہ ڪشي تي مجبور بڻيل آھن، دڪاندارن کين راشن ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آھي،  جنھن ڪري ھن مھنگائي واري دور ۾ سندن جياپو مشڪل بڻجي ويو آھي،ن کانسواء ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر نه  ٿيڻ ڪري آفيس جو ڪارونھوار ٺپ بڻيلآھي،سومر تائين کين رھيل پگھارون ڏيئي ميونسپل ڪميٽي تي ايڊمنسٽريٽر مقرر نه ٿيو ته سومر ڏينھن کان آفيس آڏو بک ھڙتال جاري ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.