ڀان ۾دڪاندارن جو اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ٻين خلاف ڌرڻو

ڀان سيدآباد (ن ع آ) ڀان سيدآباد ۾ سوين شهرين ۽ دڪاندارن پاران اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ ۽ ٽائون آفيسر ڀان خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب ڀان سيدآباد اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، جنهن دوران سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، ان موقعي تي دڪاندارن نياز خشڪ، فياض سرهيو، عبدالجبار چنا، ساجد خشڪ، شمن خشڪ، گلزار رودناڻي، ميهر ابڙو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اي سي سيوهڻ عبدالرحيم قريشي ۽ ٽائون آفيسر ڀان امتياز راهپوٽو بغير ڪنهن نوٺيس جي هيوي مشينري ۽ پوليس جا وڏا اٽالا ساڻ ڪري دڪانن جا شٽر ٽوڙي لکين رپين جو نقصان ڪيو آهي، جيڪا غريب دڪاندارن سان وڏي زيادتي آهي، هنن چيو ته هي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو شهر آهي پر اسين نڌڻڪا بڻيل آهيون، شهرين کي بناجواز تنگ ڪري ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،  هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڀان شهر جي دڪاندارن جو ٿيل نقصان جو ازالو نه ڪيو ويو هو مجبور ٿي  انڊس هاء وي روڊ بلاڪ ڪندا جنهن جي ذميواري اي سي سيوهڻ عبدالرحيم قريشي ۽ ٽائون آفيسر ڀان تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.