مٽياري ڀرسان صوفي سلطان شاهه جي عرس جون تقريبون جاري

مٽياري (ڊ ر) عظيم صوفي بزرگ حضرت سخي سلطان شاھ بادشاھ عرف شيخ ٽيئر جو عرس مبارڪ انتھائي عقيدت و احترام سان ملهايو ويو عرس مبارڪ جي حوالي سان درگاھ جي متولي ۽ ھيومن رائيٽس ضلعي مٽياري جي صدر تاج حيدر درس پاران راڳ رنگ جو احتمام ڪيو ويو .محفل ۾ صوفي فنڪار مانجھي فقير خوبصورت انداز ۽ فقرائي شاعري سان محفل ۾ وجد طاري ڪري ڇڏيو مانجھي فقير پنھنجي خوبصورت صوفي ڪلامن محفل ۾ موجود ماڻھن کي جھومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو محفل جا مھمان خاص ھيومن رائيٽس اينڊ جسٽن ڊفينڊر جا مرڪزي صدر عبدالوھاب عباسي ھيا محفل تر جي ماڻھن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.