مٽياري ۾ محفل موسيقي، ديبا سحر سر وکيريا

مٽياري (ڊ ر) مٽياري آرٽسٽ ڪائونسل نويد ميمڻ  پاران ھر سال جيان هن سال ۾ مٽياري جي عظيم صوفي  حضرت سخي پير سيد ھاشم شاھ ھاشمي جي  احاطي ۾ شاندار  محفل جو پروگرام ڪوٺايو  جنهن ۾ سنڌ جي مشهور گلوڪاره ديبا ڪنول ٻين پنھجي فن جو مظاهرو ڪيو  پروگرام جي مھمان خاص اڳوڻو صوبائي وزير سيد جلال شاهه ڄاموٽ ، درگاھ سخي هاشم شاھ جي سجاده نشين پير الهيار شاھ ھاشمي، سيد پير ارتصا شاھ ھاشمي پيپلز پارٽي اڳواڻ حاجي محفوظ جماڻي سميت مٽياري جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي محفل ۾ مٽياري جي مقامي فنڪارن داد سنڌي، نويد ميمڻ سميت ٻين  بهترين فن جو مظاهريو ڪيو جڏهن ته سنڌ جي مشهور گلوڪاره ديبا ڪنول بهترين ڪلام ڳائي خوب داد وصول ڪيو.

سانگهڙ ضلعي ۾ ارڙي جا ٽڪا لڳائڻ جو سلسلو جاري

سانگهڙ (ڊ ر) ضلعي سانگهڙ ۾ ارڙي ۽ ربيلا جي 15 کان 27 نومبر تائين ٿيندڙ ويڪسين مهم دوران ضلعي جي 8 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي ويڪسين ڪئي ويندي جنهن جي لاءِ ڊاڪٽرن ۽ ٻئي طبي عملي جو تربيتي پروگرام جاري آهي جڏهن ته عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي وئي آهي ته جئين معصوم ٻارڙن کي موذي مرض کان بچائي سگهجي. ان سلسلي ۾ اڄ ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي گذري. گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته ضلعي اندر ارڙي ۽ ربيلا ويڪسين مهم دوران 9 مهين کان 15 سالن تائين جي ٻارڙن کي ويڪسين ۽ 5 سالن تائين جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پڻ پيارا ويندا. مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سمورين غير سرڪاري تنظيمن کي هدايت ڪئي ته اهي عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ لاءِ آگاهي مهم هلائڻ ۽ عوام کي قائل ڪن ته جئين اهي ارڙي، ربيلا ۽ ڪورونا ويڪسين لڳرائن کي يقيني بڻائن. گڏجاڻي ۾ ارڙي، ربيلا ۽ ڪورونا جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر فاروق ٻڌايو ته ضلعي جي 8 لک ٻارڙن کي ارڙي ۽ ربيلا جي ويڪسين ڪئي ويندي جڏهن ته هن وقت تائين ضلعي جي 3 لک 12 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا جا ٻئي ڊوز ۽ 6 لک 15 هزار ماڻهن کي پهريون ڊوز ٿي چڪو آهي. گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا چيو ته ضلعي جي عوام کي موذي مرضن کان بچائڻ لاءِ مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا آهن.

شاهپورچاڪر ۾ووٽن جي اهميت بابت سيمينار

شاھپورچاڪر (ن ع آ) ضلعي اليڪشن ڪمشنر سانگهڙ نعيم الرحمان اڄ  غير سرڪاري تنظيم سي ايس ايس پي جي آفيس ۾ ووٽرن جي تعليم تي هڪ سيمينار  منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ شڪيلا مغل ، سميع الله مهر ، فائزه خانزادہ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ نعيم الرحمان ضلعي اليڪشن ڪمشنر سانگهڙ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چيو تہ اھي پنھنجو ۽ پنھنجي گھر وارن ۽ معاشري جي جن ماڻهن جا شناختي ڪارڊ ناهن ٺهيل انهن جا ڪارڊ ٺهرائڻ ۽ ووٽ داخل ڪرائن ۽ اليڪشن واري ڏينهن پنهنجي ووٽ جي حق جو استعمال ڪن . ضلعي اليڪشن ڪمشنر سانگهڙ سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙن کي يقين ڏياريو تہ اليڪشن ڪميشن ووٽرن خاص ڪري عورتن جي حقن لاءِ سخت محنت ڪندي ۽ سندن شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ۽ ووٽ داخل ڪرائڻ لاءِ مدد پڻ ڪندي. ان سلسلي ۾ آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي ۽ نادرا طرفان گهربل علائقن ۾  ايم، آر ،وي، جي سهولت مهيا ڪئي پئي وڃي.

ٽنڊي حيدر ۾ ٽائون ملازمن جي بک هڙتال

ٽنڊوغلام حيدر (ن ع آ) ٽنڊوغلام حيدر ٽائون ڪميٽي ملازمن کي رهيل پگهارون جاري نه ٿي سگهيون 25 ڏينهن کان ٽائون آفيس اڳيان بک هڙتال تي ويٺل ملازمن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ لڳا ضلعي توڙي تعلقي انتظاميا پاران اڃا تائين نوٽيس نه ورتو ملازمن پاران اڱاري ڏينهن پاڻ کي باهيون ڏئي آپگهات ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،هوڏانهن ملازمن سان پهرين ڏينهن کان احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ ايس ٽي پي جي اڳواڻن پير عظيم شاھ،کمن لاکو ۽ ٽائون ملازمن طاهر نظاماڻي،خادم حسين رند،بشير ورياھ ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهندي چيو ته ملازمن کي پگهارون جاري ناهين ٿي سگهيون جنهن سبب سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن بک هڙتال تي ويٺل ملازمن سان ٿيل ظلم برداشت جوڳو ناهي ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي ملازمن کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي،ٽائون ڪميٽي جي ملازمن کي 15 هزار ملندڙ پگهارون به بند ڪري انهن جي ٻچن جي وات مان ماني گرھ ڪڍي ناانصافي ڪئي وئي آهي،هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته سومر تائين پگهارون نه مليون ته اڱاري ڏينهن پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.