جوهي ۾ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضي خلاف احتجاج

جوهي ( ن ع آ ) جوهي لڳ ڳوٺ باگڙاڻي پنهور جي رهواسن محمد رمضان پنهور محرم پنهور ابراهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ زمين تي قبضو ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاء احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل پريس ڪلب جوهي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آھي ته اسان جي ذاتي خريدي زمين ديھ وڳيجي ريتي ۾ سروي نمبر 304 يارنهن ايڪڙن کان وڌيڪ آھي مگر  10 کان وڌيڪ قبضه خور هٿيار بند  اسان جي زمين تي  هلندڙ ٽريڪٽر کي هٿيارن جي زور تي روڪي واپس ڪري زمين تي قبضو ڪري اسان جي گهرن مٿان انڌا دند فائرنگ ڪندي چيو ته زمين آباد ڪندو ته اوهان پي پٽ کي قتل ڪنداسين، مخالف ڌر با اثر ۽ ڏوهاري قسم جا ماڻھون آھن  برادري جي فيصلن ۾ پڻ شڪست کاڌي آھي هٿيارن جي زور تي حراسان ڪري اسان کي گهرن تائيم محدودڪري ڇڏيو آھي آخر ۾ ھنن سنڌ هاء ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪمشنر حيدراباد ,ڊي سي دادو , ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڏياريو وڃي , نه ته مجبورن آخري رستو اختيار ڪري اجتماعي خود ڪشي ڪنداسين جنهن جي زميواري انتظاميه تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.