نوابشاهه واسين جو بنيادي سهولتون نه ملڻ خلاف احتجاج

نوابشاهه (ڊ ر) نوابشاهه جي علائقي وي آئي پي روڊ ڀنگوار ڪالوني جي رهواسين پاران علائقي ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف غلام نبي سومرو، جاويد علي ھسباڻي، روشن علي چنو، عامر ڀنگوار، خير محمد اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته اسان پيپلز پارٽي جا بنيادي ووٽر آھيون ۽ ھر ڀيري پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا آھيون، جڏهن ته اسان جي ڪالوني ۾ 100 کان مٿي گھر آھن جنھن ۾ گذريل 12سالن کان وٺي نه گيس جي سھولت آھي، نه بجلي جي ۽ نه ئي وري ڊرينيج سسٽم جي سھولت موجود آھي، ھنن چيو ته اسان چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه جي درن تي پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون ۽ ڪيترائي ڀيرا احتجاجي مظاهرا به ڪيا آھن، ليڪن اسان جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، جيڪو اسان سان ظلم آھي، ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان جي علائقي جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.