ڪي اين شاهه ۾پورهيت جو بااثر۽ پوليس خلاف احتجاج

خيرپورناٿن شاهه (ن ع آ) خيرپورناٿن شاه ڳوٺ ننڍي چوٻار جو رهواسي پورهيت ممتاز بروهي پنهنجي پيرسن ماءٌ مسمات فاطمه بروهي سندس ڀيڻ پروين سان گڏ مهراڻ پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي دانهيو ته مان پورهيت آهيان ڇولا کپائي گهر جو گذر سفر گندو آهيان منهنجي زمين هڪ جريب آهي جنهن تي مائيٽ فصل ڪرڻ نٿا ڏين منهنجي پيرسن ماءۡ ۽ ننڍڙي ڀيڻ سان گڏ زمين تي وئي ته شمس الدين بروهي وزير بروهي جاني بروهي وارا منهنجي ماءۡ ۽ ڀيڻ جي تذليل ڪري انهن مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو اسين خيرپورناٿن شاه ٿاڻي تي ويا سين فرياد لاء پوليس اهلڪارن ٻه ڪلاڪ اسان کي ٿاڻي تي ويهاري دڙڪا ڏئي ٿاڻي تان اٿاري ڇڏيو ڇيائون گوزي ٿاڻي تي وڃو گوزي ٿاڻي تي اسان جي فرياد وٺڻ لاء تيار ناهن اسين مسڪين آهيون ڪنهن در دانهن ڏيون اسان سان انصاف نٿو ڪيو وڃي مائيٽ ظالم آهن اهي اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين مان پورهيت يتيم آهيان مونسان انصاف ڪري منهنجي ماءۡ ۽ ڀيڻ جي تذليل ۽ تشدد ڪندڙن کي فوري گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي ، هنن آء جي سنڌ ايس ايس پي دادو کان معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.