ٽنڊي ڄام ۾ شهري جو پوليس خلاف احتجاج

ٽنڊوڄام (ن ع آ) ٽنڊوڄام پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي المدينه ڪالوني جي رهائشي اڪرم قائمخاني پريس ڪلب ٽنڊوڄام اڳيان دانهيندي چيو ته اڌ رات دير سان ٽنڊوڄام پوليس جي اي ايس آء عتيق احمد خاصخيلي ڪجھ اهلڪارن سميت اسان جي گهرن ۾ بنان جواز گهڙي اسان جي مردن عورتن توڙي ٻارن کي ننڊن مان اٿاري حراسان ۽ تشدد جو نشانو بنايو ان الزام هڻندي چيو ته مون تي مون تي ڪنهن به قسم جو ڪو ڪيس نه آهي ان جي باوجود رات جو دير سان ڏوهارين وانگر گهر ۾ گهڙي عورتن ۽ معصوم ٻارن کي تشدد جو نشانو بنائڻ بعد منهنجي ٻن گهرواين جا پيل سونا زيور ۽ روڪ رقم پاڻ سان کڻي ويا ان اعلئ اختيارين ۽ وس ورن کان اپيل ڪندي نوٽس وٺڻ جي اپيل ڪندي پوليس پاران کنيل پئسا ۽ رقم واپس ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آهي ياد رهي ته اي ايس آء عتيق خاصخيلي خلاف اڳ به ڪيتريون شڪايتون ۽ پوليس جي سرپرتي ۾ منشيات فروشي جا الزام پڻ ثابت ٿيا آهن ۽ ڪيترائي ئي ڀيرا سسپينڊ پڻ ٿي چڪو آهي ٽنڊوڄام ٿاڻي جا ٻه اي ايس آء اسد خاصخيلي ۽ الهوسايو نوهڙيو به ڪجه وقت اڳ منشيات جي سرپرستي جي الزام هيٺ ايس ايس پي حيدرآباد امير سدزوئي پاران برطرف ٿي چڪا آھن .

پروفيسرن جي ترقين کي ڀليڪار چئون ٿا:سپلا

حيدرآباد (پ ر) سپلا سٿ ڪراچي ريجن جي اڳواڻن پروفيسر ڪريم ناريجو، پروفيسر منور عباس  سپلا حيدرآباد ريجن جي رھنمائن پروفيسر شاھجھان پنھور پروفيسر الطاف ميمڻ، سکر ريجن جي اڳواڻن  پروفيسر ايوب مري، پروفيسر مشتاق ڦلپوٽو، پروفيسر الطاف کھڙو، پروفيسر منان بروھي، پروفيسر لعل بخش سوھو، پروفيسر لعل بخش ڪلھوڙو، پروفيسر غفران بلوچ، پروفيسر ملھار سنڌي، سعيد احمد ابڙو، عبدالحليم درس، سانول گھوٽو ۽ ٻين پنھنجي پريس بيان ۾ چيو آھي تہ سپلا سٿ پاران صوبائي بورڊ ون جي انعقاد ۾ سنجيدھ ڪاوش وٺڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، چيف سيڪريٽري سنڌ سيد ممتاز علي شاھ، تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاھ، ڪاليج ايجوڪيشن جي سيڪريٽري سيد خالد حيدر شاھ ۽ پروموشن سان لاڳاپيل سنڌ سيڪريٽريٽ جي اسٽاف جا ڪاليج ايجوڪيشن جي استادن لا۽ ورتل لاڀائتي عمل کي ساراھيو آھي. اڳواڻن سندن سان ڪاليج ايجوڪيشن کاتي ۾ تعليم جي بھتري لا۽ ھر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريندي اھا اميد ڏيکاري تہ کاتي سان سلھاڙيل اعليٰ اختياريون ڪاليجي استادن جي جائز مسئلن کي حل لا۽ ضرور سھڪار ڪنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.