ڳاڙھو ، سيري ۽ ٽنڊوغلام حيدر جون خبرون

ڳاڙهو  :رائيس مل ڀرسان جھنگ مان اڻ ڄاتل  اڌڙوٽ شخص جو پراڻو لاش ھٿ

سيري :پي ڊي ايم جي سڏ تي  جماعت اسلامي طرفان مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي

غلام مرتضي لغاري:ف ليگ اڳواڻن جي مختلف برادرين سميت پ پ ۾ شموليت

1

ڳاڙهو  پوليس جي حد ۾ ڳاڙھو باء پاس رائيس مل ڀرسان جھنگ مان اڻ ڄاتل  اڌڙوٽ شخص جو پراڻو لاش ھٿ آيو ،  ڳاڙھو پوليس لاش کي لاوارث ڄاڻائي ايڌي  حوالي ڪري ڇڏيو،  ٻئي پاسي ڳاڙھو پوليس صحافين کي مؤقف ڏيندي ٻڌايو ته مليل لاش شهر ۾ ھلندڙ چريي مستاني شخص جو هو جيڪو ڪيترن ئي  ڏينهن کان شهر ۾ نظر نه پئي آيو، جڏهن ته اڄ سندس ڳريل ۽ جانورن جو کاڌل لاش ھٿ آيو آهي ،لاش کي ايڌي فائونڊيشن وارن حوالي ڪيو آهي

2

جماعت اسلامي سيري طرفان مهانگائي خلاف الله والا چوڪ تي مين بس اسٽاپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۔  ريلي ۾ شريڪ ڪارڪنن جي  هٿن ۾ جماعت اسلامي جا جهنڊا۔ بينر ۽ شيٽون هيون۔ جيڪي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪري  هئا. ريلي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري انجنيئر طاهر مجيد. نعيم مغل – سعيد احمد شاھ ۔سعيد نظاماڻي ۽ ٻين  چيو ته جڏهن کان نيازي اقتدار  ۾ آيو آهي ، پاڪستان جي معيشت تباهه ٿي رهي آهي. ھن جڏھن کان سونامي جو نعرو هنيو آھي تڏهن کان  پاڪستاني معيشيت بحران ۾ آھي. حڪمرانن جي نااهلي ۽ غلط پاليسين جي ڪري مهانگائي وڌي رهي آهي. هن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي مهانگائي تي ضابطو آڻي غريب ماڻهن کي جيئڻ ڏنو  وڃي .

3

ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ علڻ خان نظاماڻي جي فنڪشنل ليگ اڳواڻن ڳوٺ جي مختلف برادرين سميت پ پ ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي،ڳوٺ علڻ خان نظاماڻي ۾ پ پ پاران جلسو ڪوٺايو ويو  جنهن ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صوبائي صلاحڪار حاجي رسول بخش چانڊيو،پيپلزپارٽي تعلقي صدر امير سلطان چانڊيو،سردار غلام مرتضي چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي،جلسي دوران ڳوٺ جي معزز شخصيت فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن رئيس راجا خان نظاماڻي،لياقت نظاماڻي سميت ڳوٺ جي مختلف برادرين پاران پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو،رٿيل پروگرام ۾ ڳوٺاڻن پاران آيل مهمانن جي آجيان ڪري  گلن جي ورکاءُ سان ڪندي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪن جا تحفا پڻ ڏنا ويا.ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار لاڙ پٽ جي سردار حاجي رسول بخش چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته پ پ جمهوري پارٽي آهي،جنهن ۾ شموليت اختيار ڪندڙن کي ڀليڪار چئون ٿا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.