اسلام ڪوٽ ڀرسان 5 سالن کان اسڪول بند،عمارت ۾ گڏھ بيٺل،رهواسين جو احتجاج، دانهون

اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ نئون تڙ ۾ بند پيل اسڪول کولرائڻ لاءِ نابين نوجوان پريس ڪلب پهچي ويو، ڳوٺ نئون تڙ واسي نابين پانچو پاڪستاني پنهنجي ڳوٺ جي پرائمري هريجن ڪالوني اسڪول جي بند هئڻ  ۽ اندر گڏھ بيٺل هجڻ جي دانهن کڻي پهتو،ان موقعي تي  دانهيندي پانچو پاڪستاني چيو ته اسان جي ڳوٺ نئون  تڙ ۾ پرائمري هريجن ڪالوني اسڪول پنجن  ورهين کان بند پيل آهي،اسڪول اندر گڏھ بيٺل رهن ٿا ۽ اسان جي معصوم گلن جهڙن ٻارڙن جو مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي

ايس او ٽي

ان موقعي تي رهواسين به احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسڪول کولرائي ٻارڙن جي تعليم کي شروع ڪرايو وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.