سکر: ف ليگ سنڌ جي صدر صدر الدين شاهه راشدي جي 61هين سالگرهه جي تقريب

مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدر الدين شاهه راشدي جي 61هين سالگرهه جو 61 پائونڊن جو ڪيڪ فنڪشنل ليگ هائوس سکر ۾ ڪاٽيو ويو، تقريب ۾ سيد صدر الدين شاهه راشدي جي وڏي ڄمار لاءِ دعائون پڻ گھريون ويون، تقريب ۾ فنڪشنل ليگ جي صوبائي اڳواڻ سيد شفقت علي شاهه، مير اعجاز ٽالپر، سيد جيئل شاهه، محمد جاويد شيخ، ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي فنڪشنل ليگ جي صوبائي اڳواڻ سيد شفقت شاهه چيو ته پير سائين پاڳاري جي قيادت ۾ حر مجاهد ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پير سائين پاڳاري جي خاندان جون ديني خدمتون ڪنهن کان به لڪيل ناهن. حر مجاهدن جنگ دوران ملڪ جي حفاظت ڪئي ۽ ڪنهن به قرباني کان ڊڄڻ وارا ناهن، هن چيو ته  پيپلزپارٽي جي سنڌ ۾ ناقص ڪارڪردگي، ڪرپشن ۽ عوام دشمن پاليسين سبب سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن کي ترقي ناهي ملي سگھي. عوام کي روڊن تي نڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.