ملير: کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ سنڌ سجاڳي فورم جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران مظاهرو

کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سنڌ سجاڳي فورم جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران زاهد زهراڻي، ياسين جمعاڻي ۽ وجاهت حسين  جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ مان ماڻهو کنڀي گم ڪيا پيا وڃن، انهن کي عدالتن ۾ ظاهر ڪرڻ بدران ڳجهن هنڌن تي رکيو وڃي ٿو، جيڪا سنڌ جي شعور سان سراسر ناانصافي آهي، سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ قومي ڪارڪنن کي ائين کنڀي گم ڪرڻ قانون جي لتاڙ آهي، هتي سنڌي عوام سان ٻٽو معيار رکيو پيو وڃي، جنهن ڪري سنڌ جو  عوام احساس محرومي جو شڪار آهي، هنن چيو ته هاڻي قمبر مان سنڌ جي نياڻين کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي  هنن مطالبو ڪيو ته  سڀني کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي فوري طور تي بازياب ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.