وزيراعظم جي خاص مددگار استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي خاص مددگار جمشيد اقبال چيما استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

تحريڪ انصاف طرفان اين اي 133 لاهور جي ضمني چونڊ لاءِ جمشيد اقبال چيما کي اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي.

چونڊ ميدان ۾ لهڻ کانپوءِ جمشيد اقبال چيما نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت خاص مددگار جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، هن پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم کي موڪلي ڇڏي آهي.

پي ٽي آءِ پهرين سياسي جماعت آهي، جنهن ضمني چونڊ لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي، جڏهن ته ن ليگ ۽ پ پ سميت ٻين جماعتن طرفان پنهنجا اميدوار فائنل ناهن ڪيا ويا.

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان، جمشيد اقبال چيما تي ڀرپور اعتماد ڪندي کيس ميدان ۾ لاٿو آهي.

واضح رهي ته ن ليگ ايم اين اي پرويز ملڪ جي لاڏاڻي کانپوءِ خالي ٿيندڙ سيٽ تي ضمني چونڊ لاءِ سياسي جماعتن سندرا ٻڌا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.