جروار : سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورھيت 3سالن کان موذي مرض ۾ مبتلا، گھمڻ ڦرڻ کان لاچار

جروار واسي  سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ پورھيت پيرسن اسحاق لاشاري گذريل ٽن سالن کان موذي مرض ۾ مبتلا ھُجڻ ڪري گھمڻ ڦرڻ کان لاچار ۽ بيوس بڻيل آھي،  ھوڏانھن ان بيماري مسڪين ويچاري کان ڳالھائڻ جو حق به کسي ڇڏيو آھي ،جڏھن ته وس آھر پورھيت پنھنجو علاج مختلف اسپتالن مان ڪرايو آھي پر ھو اڃان تائين ٺيڪ نه ٿي سگھيو آھي،  ان سلسلي ۾ عوامي آواز پاران سندس ڳوٺ وڃي موذي مرض ۾ مبتلا پيرسن اسحاق لاشاري کان بيماري متعلق پڇا ڳاڇا ڪئي وئي پر هو پاڻ ڳالھائي به نه سگھيو،  سندس ڀاء عباس لاشاري ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن کان ڀاء ڳالھائي به نٿو سگھي ، ۽ نه ئي گھمي ڦري سگھي ٿو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.