پهريون مرحلو مڪمل، بنگلايش، سريلنڪا، اسڪاٽ لينڊ ۽ نميبيا سپر 12 ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

 

دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرئين مرحلي جي آخري ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم نيڌرلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ائين سريلنڪا، بنگلاديش، اسڪاٽ لينڊ ۽ نميبيا جون ٽيمون ايندڙ مرحلي ۾ پهچي ويون.

پهرئين مرحلي جي آخري ميچ ۾ نيڌرلينڊ جي ٽيم 10 اوورن ۾ رڳو 44 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جواب ۾ سريلنڪا گهربل هدف سولائي سان اٺين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.\

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سريلنڪا، بنگلاديش، اسڪاٽ لينڊ ۽ نميبيا جون ٽيمون سپر 12 ۾ پهچي ويون آهن.

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سپر 12 مرحلو سڀاڻي کان شروع ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.