دهشتگردن سان مقابلي ۾ پاڪ فوج جا ٻه جوان شهيد

 

ميران شاهه (ويب ڊيسڪ) وزيرستان ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران فائرنگ ۾ پاڪ فوج جا ٻه جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي دهشتگردن خلاف وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ آپريشن ڪيو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد احمد الله مارجي ويو، جنهن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيا ويا.

بيان موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نائيڪ خليل ۽ سپاهي شاڪرالله شهيد ٿي ويا، خليل جو واسطو ڪوهاٽ ۽ شاڪر الله جو لڪي مروت سان آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.