لاهور: ڪالعدم تنظيم جي ريلي ۾ شامل گاڏين جي ٽڪر ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي ريلي ۾ شامل گاڏين جي ٽڪر ۾ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.

پوليس ترجمان موجب لاهور ۾ ضلعي ڪچهري ڀرسان ڪالعدم تنظيم جي ريلي جي گاڏين جي ٽڪر ۾ 2 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا هئا، جن کي اسپتال نيو ويو پر اهي بچي نه سگهيا.

ترجمان ٻڌايو ته شهيد پوليس اهلڪارن ۾ ايوب ۽ خالد شامل آهن ۽ ٻئي اهلڪار گوالمنڊي ٿاڻي ۾ مقرر هئا.

هوڏانهن ايم اي او ڪاليج ڀرسان پوليس ۽ ڪالعدم تنظيم جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿيو ۽ پٿراءَ ۾ ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن.

ترجمان موجب ايس ايڇ او ۽ زخمي اهلڪارن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڪالعدم ٽي ايل پي طرفان لاهور کان اسلام آباد ڏانهن مارچ شروع ڪيو ويو آهي.

لاهور شهر جي داخلي ۽ ٻاهرين رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مختلف هنڌن تي واٽر ڪينن، ڳوڙها آڻيندڙ گئس، اسپري ۽ رٻڙ بلٽس نفري وٽ موجود آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌرڻي وارن کي شهر کان ٻاهر نه وڃڻ ڏينداسين.

ياد رهي ته ڪالعدم ٽي ايل پي عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي ڪڍيل جلوس کي 12 اپريل کان گرفتار پنهنجي قائد حافظ سعد رضوي جي آزادي لاءِ احتجاجي ڌرڻي جي شڪل ڏني هئي.

ٽن ڏينهن تائين لاهور ۾ مسجد رحمت اللعالمين سامهون ڌرڻي کانپوءِ ڪالعدم تنظيم اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.