جِن بڻجي ماڻهن کي ڊيڄاريندڙ ڇوڪري زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺي

 

ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) ڇوڪريءَ کي جِن بڻجي ماڻهن کي ڊيڄارڻ مهانگو پئجي ويو ۽ هوءَ زندگيءَ تان ئي هٿ ڌوئي ويٺي.

پرڏيهي ميڊيا موجب اهو افسوسناڪ واقعو ميڪسيڪو جي علائقي نو ڪيپلن ڊي جواريز ۾ پيش آيو، جتي هڪ ڇوڪري رات جي وقت لباس مَٽائي پنهنجي پاڙيسرين کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.

پرينڪ ڪندڙ ڇوڪريءَ جي عمر 20 کان 25 سالن جي وچ ۾ ٻڌائي وئي آهي، هن پنهنجو لباس مَٽائي ماڻهن کي جِن بڻجي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن کيس گولي هڻي ڇڏي.

ان واقعي جي ويڊيو پڻ منظر تي آئي آهي، جنهن ۾ ڇوڪري ماڻهن کي هٿ لوڏيندي ڊيڄاري رهي آهي ته اوچتو گولي جي آواز کانپوءِ اها زمين تي ڪِري ٿي پئي.

ٻڌايو ويو آهي ته گولي لڳڻ جي نتيجي ۾ ڇوڪري ٿڏي تي مارجي وئي، جڏهن ته پوليس ان جو لاش اسپتال منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ان ڪيس ۾ اڃا تائين ڪا به گرفتاري سامهون ناهي، نه وري پوليس طرفان مقتولا ناريءَ جي سڃاڻپ ظاهر ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.