پاڪستان جو وقت ويو، هاڻ ڀارتي ٽيم حاوي رهندي آهي: سارو گنگولي

پاڪستان جو وقت ويو، هاڻ ڀارتي ٽيم حاوي رهندي آهي: سارو گنگولي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سربراهه سارو گنگولي چيو آهي اهو نٿو ٿي سگهي ته سدائين ڀارت ئي وڏا ايونٽ کٽي.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ڀارت سان مقابلو: رميز راجا قومي ڪرڪيٽرن کي ڪهڙو ليڪچر ڏنو؟

هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي سارو گنگولي چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ ڪيترائي ڀيرا پاڪستان ۽ ڀارت آمهون سامهون ٿيا، ميگا ايونٽن ۾ اڪثر ٻنهي ٽيمن جي ميچن سان ٽورنامينٽ شروع ٿيندي آهي، انهن ميچن جي ٽڪيٽن جي ڊمانڊ به وڌيڪ هوندي آهي.

هن چيو اهو نٿو ٿي سگهي ته سدائين ڀارت وڏا ايونٽ کٽي، ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کان ڀارت جو رڪارڊ سٺو آهي، ڪو وقت هو جڏهن پاڪستان حاوي هوندو هو پر هاڻ ڀارتي ٽيم حاوي رهندي آهي، مون کي ڪڏهن به پاڪ – ڀارت ميچ جو دٻاءُ محسوس نه ٿيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا:اين بشپ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو

واضح رهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو سڀ کان وڏو پاڪ – ڀارت مقابلو 24 آڪٽوبر تي دبئي ۾ ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.