بنگلاديش ۾ روهنگيا پناهگيرن جي ڪئمپ تي حملو، 7 ڄڻا مارجي ويا

 

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ روهنگيا پناهگيرن جي ڪئمپ تي حملي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا.

پرڏيهي ميڊيا موجب بنگلاديش ۾ جمعي ڏينهن هٿياربندن روهنگيا پناهگيرن جي ڪئمپ تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي طور 7 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته واقعي ۾ ڪيترائي پناهگير زخمي پڻ ٿيا.

ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واقعو بنگلاديش ۽ ميانمار جي سرحد تي پيش آيو، جتي روهنگيا پناهگيرن جون ڪئمپون موجود آهن.

پوليس موجب حملو ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ هئا، جن ڪجهه ماڻهن تي فائرنگ سان گڏوگڏ چاقو سان به حملا ڪيا.

پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ان کان اڳ به جمعي ڏينهن ئي پناهگيرن جي ڪئمپ تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ ٻيا زخمي ٿيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.