اين بشپ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو

 

ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي فاسٽ بالر اين بشپ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي فيوريٽ قرار ڏئي ڇڏيو.

پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪرڪيٽر چيو ته پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ فيوريٽ آهي، جڏهن ته ڀارت، نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون به ميگا ايونٽ کٽي سگهن ٿيون.

هن چيو ته پاڪستان وٽ سٺا بالر آهي، جيڪي مخالف بيٽسمينن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا.

واضح رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين ميچ 24 آڪٽوبر تي روايتي مخالف ڀارت خلاف کيڏندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.