ڪورونا جي خاتمي کان پوءِ مسجد الحرام ۾ سماجي وٿي کان سواءِ پهرين جمعي نماز ادا

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ اڄ پهريون ڀيرو مسجد الحرام ۾ جمعي نماز  سماجي وٿي کان سواءِ ادا ڪئي وئي.

ان موقعي تي حرمين شريفين جي سربراهه شيخ عبدالرحمان السديس طرفان انتطاميا کي سهولتن جي فراهمي جون خاص هدايتون ڪيون ويون هيون جڏهن ته نمازئين لاءِ ماسڪ کي لازمي قرار ڏنو ويو هو.

رپورٽ موجب مسجد الحرام جا وڌيڪ 50 در اڄ کوليا ويا ۽ مختلف هنڌن تي 500 کان وڌيڪ آٽوميٽڪ سينيٽائيزر  بوتلون لڳايون ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.