ورلڊ ڪپ: آئرلينڊ ٻاهر، نميبيا سپر 12 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

 

شارجا (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرئين مرحلي ۾ نميبيا جي ٽيم آئرلينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سپر 12 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته آئرش ٽيم ٻاهر ٿي وئي.

شارجا ۾ کيڏيل ميچ ۾ آئرلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 125 رنسون ٺاهيون، پال اسٽرلنگ 38 ۽ ڪيون او برين 25 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيا.

جواب ۾ نميبيا گهربل هدف 19هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري سپر 12 مرحلي ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

نميبيا جي ڪپتان اراسمس بهترين بيٽنگ ڪندي 53 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته ڊيوڊ ويزي 28 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ مدد ڪئي.

واضح رهي ته سريلنڪا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون به سپر 12 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.