دل جي بيمارين ۽ ڪينسر کان بچائيندڙ کاڄرو تيلَ

گذريل تحقيقن جي ابتڙ سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته خشڪ ميون، ٻج ۽ ٻوٽن جو تيل کائڻ سان مختلف مرضن سبب ٿيندڙ موت جو گھٽجي ٿو.

طبي حقيقي رسالي ”بي ايم جي“ ۾ ڇپيل ان مطالعي ۾ چيو ويو آهي ته ٻوٽن ۽ ٻجن جو سڻڀ دل جي بيمارين ۽ڪينسر کان بچائيندو آهي، اها تحقيق ايران ماهرن جي اڳواڻي ۾ برطانيا، سويڊن، ناروي ۽ڪينيڊا جي ماهرن جي ٽيم ڪئي آهي.

تحقيق مان خبر پئي ته ٻوٽن، خشڪ ميون ۽ ٻجن ۾ قدرتي طور تي موجود سڻڀ ”الفا لينولينڪ ايسڊ“ (اي ايل اي) سان نه رڳو اسان جي دل گھڻين بيمارين کان محفوظ رهي ٿي پر اهو سڻڀ سرطان (ڪينسر) جي خطري کي به گھٽ ڪندو آهي.

”اي ايل اي“ سڻڀ جي ڳڻپ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز ۾ ٿيندي آهي جيڪي اسان جي بنيادي غذائي ضرورتن ۾ شامل آهن. صحت جي نقطه نظر سان اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز گھڻا ضروري آهن پر انساني جسم انهن کي تيار ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي، ان ڪري انهن کي مختلف کاڌن ذريعي حاصل ڪري سگھجي ٿو.

اها رپورٽ هڪ گڏيل تجزيي(ميٽا ايناليسس) آهي جنهن ۾ گذريل 32 سالن دوران ”اي ايل اي“ ۽ انساني صحت جي حوالي سان 41 تحقيقن جو جائزو ورتو ويو آهي، انهن تحقيقن ۾ گڏيل طور تي تقريبن 12 ماڻهو شريڪ هئا.

ميٽا ايناليسس مان خبر پئي ته روزانو غذا م اي ايل اي جي مقدر ۾ رڳو هڪ گرام واڌ سان دل جي بيمارين جو خطرو 5 سيڪڙو تائين گھٽجي وڃي ٿو.

آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن موجب سويابين، ڪينولا  (مٺي سرنهن) جي تيل، اخروٽ ۽السي جي ٻجن ۾ اوميگا ٿري فيٽي ايسڊز جو وڏو مقدار هوندو آهي جنهن ۾ ”اي ايل اي“ به شامل آهي.

مڪئي ۽ سورج مکي جي تيل ۾ اي ايل اي جو مقدار گھڻو گھٽ جڏهن ته السي جي ٻجن ۾ سڀ کان وڌيڪ يعني 45 کان 55 سيڪڙو تائين هوندو آهي، سويابين، تري جي تيل ۽ اخروٽ ۾ الفا لينولينڪ ايسڊ جو مقدار 5 کان 10 سيڪڙو جي وچ ۾ هوندو آهي.

ميٽا اينالسس مان اها به خبر  پئي ته ”اي ايل اي“ جو مناسب مقدار روزانو استعمال ڪندڙن لاءِ ڪينسر جو خطرو گھڻو گھٽ ٿي ويندو آهي جڏهن ته ڪنهن به ٻي بيماري سبب انهن ۾ موت جو امڪان به گھٽ ٿي ويندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.