لانگ مارچ کان اڳ ٽي ايل پي سان ڳالهين لاءِ ٻه رڪني ڪميٽي قائم

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت لانگ مارچ جو اعلان ڪندڙ ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهين لاءِ ٻه رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته ڪالعدم ٽي ايل پي عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي ڪڍيل جلوس کي 12 اپريل کان گرفتار پنهنجي قائد حافظ سعد رضوي جي آزادي لاءِ احتجاجي ڌرڻي جي شڪل ڏني هئي.

ٽن ڏينهن تائين لاهور ۾ مسجد رحمت اللعالمين سامهون ڌرڻي کانپوءِ ڪالعدم تنظيم اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو.

هي به پڙهي سگهو ٿا:ٽي ايل پي لانگ مارچ: اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، اهم شاهراهه بلاڪ

ان سلسلي ۾ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ڳالهين لاءِ ڪابينا جي ٻن سينيئر ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ راجا بشارت ۽ چوڌري ظهير الدين شامل آهن.

عثمان بوزدار ٽوئيٽر تي ڪميٽي ٺاهڻ جي اعلان سان گڏ چيو ته پاڻ سڳورن صه جي سنت موجب ملڪ ۾ امن امان لا اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.