ڊالر جي قيمت ۾ تيزي سان واڌ جو سلسلو جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڊالر 174 کان وڌي ويو ۽ ملڪي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح 174 رپيا 30 پيسا ٿي ويو.

ڪرنسي مارڪيٽ رپيا جي بي قدري ۽ ڊالر جي قيمت ۾تيزي سان واڌ جو سلسلو جاري آهي، ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن به انٽر بينڪ ۽اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قدر ۾ واڌ رڪارد ڪئي وئي.

فاريڪس ڊيلرن جو چوڻ آهي ته انٽربينڪ ۾ ڊالر 173 رپيا 96 پيسن تي اوپن ٿيو، جنهن کان پوءِ ڊالر جي قيمت ۾ 34 پيسن جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ انٽر بينڪ ۾ ڊالر 173.96 کان وڌي 174 رپيا 30 پيسا ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.